Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سپريم ڪورٽ ميئرن، ڊپٽي ميئرن ۽ ضلعي چيئرمينن جي اليڪشن ۾ غير ضروري تاخير جو نوٽس وٺي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


سپريم ڪورٽ ميئرن، ڊپٽي ميئرن ۽ ضلعي چيئرمينن جي اليڪشن ۾ غير ضروري تاخير جو نوٽس وٺي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/6/2016 1
سپريم ڪورٽ ميئرن، ڊپٽي ميئرن ۽ ضلعي چيئرمينن جي اليڪشن ۾ غير ضروري تاخير جو نوٽس وٺي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
لنڊن: 7 فيبروري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي ميئرن، ڊپٽي ميئرن ۽ ضلعي چيئرمينن جي اليڪشنن ۾ غير ضروري تاخير جو نوٽس وٺن ۽ ميئرن ۽ ضلعي چيئرمينن جا اليڪشن فوري طور تي ڪرايا وڃن. اها ڳالھھ انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ خطاب ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو  ته ڪراچي ۾ مڪاني اليڪشن کي ٿئي ٻه مهينا گذري چڪا آهن پر عجيب مذاق آهي ته اڃان تائين ميئرن ۽ ضلعي چيئرمينن جا اليڪشن نه ڪرايا ويا آهن.انهن فرمايو ته حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن تاخيري حربا استعمال ڪري رهي آهي ۽ ان سڄي صورتحال جي ڪري چونڊيل نمائندا به ڪم ڪرڻ کان قاصر آهن. انهن فرمايو ته ميئرن ۽ ضلعي چيئرمينن جي اليڪشن ۾ غير ضروري دير جي معاملي کي اٿارڻ جي بجاءِ ميڊيا جا ڪجھھ اينڪر پرسن به ابتڙ چونڊيل نمائندن کي ئي ڪم نه ڪرڻ جو ڏوهي قرار ڏيئي رهيا آهن. جيڪا سراسر زيادتي آهي. انهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته ميئرن ۽ ضلعي چيئرمينن جي اليڪشن ۾ دير جو نوٽس ورتو وڃي ۽ اليڪشن فوري طور تي ڪرايا وڃن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص جا جيڪي ميئر ۽ ڊپٽي ميئر ۽ ضلعي چيئرمين هوندا مان انهن کي هاڻي ئي چوان ٿو ته اهي جڏهن پنهنجن عهدن جو حلف کڻڻ ته اختيار حاصل نه هجڻ جي معاملي کي پنهنجن پيرن جي زنجير نه بڻائين. انهن فرمايو ته اها حقيقت آهي ته سنڌ حڪومت مڪاني ادارن کان باقي بچيل اختيار به ڇني رهي آهي. انهن ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان به سندرو ٻڌي وٺو، اسان کي هڪ نئين عزم ۽ حوصلي سان عوام جي خدمت ڪرڻي آهي. اسان کي پنهنجن شهرن کي صاف ۽ سٿرو رکڻو آهي. صفائي جو هفتو ملهائڻو آهي ۽ شهرن جي پارڪن کي صاف ڪري پنهنجين فيملين کي ٻيهر انهن ۾ آڻڻو  آهي. 



4/19/2024 11:21:55 PM