Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان چائنا اقتصادي راهداري ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جي مفادن کي شامل ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


پاڪستان چائنا اقتصادي راهداري ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جي مفادن کي شامل ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 2/6/2016 1
پاڪستان چائنا اقتصادي راهداري ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جي مفادن کي شامل ڪيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
جيڪڏهن پاڪ چائينا اقتصادي راهداري ۾ صرف پنجاب جي  مفادن کي ئي سامهون رکيو ويندو ۽ ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سنڌ کي نظر انداز ڪيو ويندو ته عوام ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا
فوج کي چئون ٿا ته اچو ماضي جي رخائين کي وساري دوستي ۽ بهتر تعلقات جي هڪ نئين دور جو آغاز ڪريون
پاڪستان کي هاڻي صرف 4 صوبن سان نه ٿو هلائي سگهجي، ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 انتظامي يونٽ ۽ صوبا قائم ڪيا وڃن
ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان منعقد ڪيل جشن فتح جي اجتماعن کي خطاب
لنڊن: 7 فيبروري 2016
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ سمورن حڪمرانن کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي ته پاڪستان چائينا اقتصادي راهداري هجي يا پاڪ آمريڪا اقتصادي راهداري، پاڪستان جي مفاد ۾ هجي ته ضرور بڻايو وڃي. پر ان ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جي مفادن کي به شامل ڪيو وڃي. جيڪڏهن پاڪ چائينا اقتصادي راهداري ۾ صرف پنجاب جي مفادن کي ئي سامهون رکيو ويندو ۽ ڪي پي ڪي ، بلوچستان ۽ سنڌ کي نظر انداز ڪيو ويندو ته عوام ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. اسان فوج جو ڪالھھ به احترام ڪندا هئاسين ۽ اڄ به ڪريون ٿا ۽ فوج کي اهو چئون ٿا ته خدا جي واسطي اسان کي پنهنجو دشمن نه سمجهو. ملڪ جي سلامتي، بقا ۽ ان جي ترقي جي لاءِ اسان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو غير مشروط تعاون پيش ڪريون ٿا ۽ فوج کي چئون ٿا ته اچو ماضي جي رخائين کي وساري دوستي ۽ بهتر تعلقات  جي هڪ نئين دور جو آغاز ڪريون. انهن خيالن جو اظهار انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ۾ ايم ڪيو ايم جي طرفان منعقد ڪيل جشن فتح جي اجتماعن کي خطاب ڪندي فرمايو . اهي اجتماع جناب الطاف حسين تي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ تفتيش جي سلسلي ۾ لنڊن ميٽرو پوليٽن پوليس جي طرفان ضمانت جي پابندين جي خاتمي ۽ فرد جرم عائد نه ڪرڻ جي فيصلي جي خوشي ۾ منعقد ڪيا ويا. جناب الطاف حسين جو اهو خطاب ويب ٽي وي جي ذريعي پاڪستان جي سمورن شهرن سميت سڄي دنيا ۾ ٻڌو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان پاڪستان کي مضبوط ڏسڻ چاهيان ٿو. ملڪ جي سلامتي ۽ بقا جي حوالي سان منهنجين ڳالهين تي سنجيدگي سان توجه نه ڏني وئي ته خدا خير ڪري باقي بچيل پاڪستان جي سلامتي به خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. انهن پاڪ چائينا اقتصادي راهداري جي منصوبي جو ذڪر ڪندي فرمايو ته پاڪستان چئن صوبن تي ٻڌل آهي. پاڪستان جو نالو صرف پنجاب نه آهي. نااهل ۽ ڪرپٽ حڪمرانن ماضي ۾ به پاڪستان کي ٻه ٽڪڙا ڪيو ۽ اڄ به باقي بچيل پاڪستان کي ٽوڙڻ جي ڪڍ آهن. وزير اعظم ميان نواز شريف پاڪ چائينا اقتصادي راهداري سي پيڪ ۽ اورينج ٽرين جي منصوبن جي معاهدن جي لاءِ چائينا جا جيترا به دورا ڪيا انهن ۾ اهي پنهنجي ڀاءُ، سمدهي ۽ پٽ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا. پر انهن دورن ۾ انهن  ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سنڌ جي نمائندن کي شامل نه ڪيو. ائين ڪري وزير اعظم پاڪستان جي مفاد ۾ نه بلڪه پاڪستان جي مفاد جي خلاف ڪم ڪيو آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان نواز شريف ۽ انهن جي خاندان جي جاگير نه بلڪه عوام جي جاگير آهي. اهي ترقياتي منصوبا وزير اعظم جي خاندان جي جاگير نه بلڪه پاڪستان جا منصوبا آهن. انهن فرمايو ته اسان پاڪستان چائينا اقتصادي راهداري منصوبي جي خلاف نه آهيون بلڪه اسان چئون ٿا ته پاڪستان چائينا اقتصادي راهداري هجي يا پاڪ آمريڪا اقتصادي راهداري هجي يا آسٽريليا ، ڪينيڊا ۽ ڪنهن به ملڪ سان اقتصادي راهداري هجي جيڪڏهن اها پاڪستان جي مفاد ۾ هجي ته اها ضرور بڻائي وڃي. پر ان ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جي مفادن کي شامل ڪيو وڃي. ان ۾ پٺاڻڻ، بلوچن ۽ سنڌين کي به اعتماد ۾ ورتو وڃي.جيڪڏهن پاڪ چائينا اقتصادي راهداري، گيس پائيپ لائين، اورينج ٽرين، ميٽرو يا اهڙي ڪنهن به وڏي اقتصادي منصوبي ۾ صرف پنجاب جي مفادن کي سامهون رکيو ويندو ۽ ڪي پي ڪي ، بلوچستان ۽ سنڌ کي نظر انداز ڪيو ويندو ته پاڪستان جا عوام انهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. انهن فرمايو ته ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سنڌ جي وڏن وزيرن کي گهرجي ته اهي ٻاهر نڪرن ۽ ان ناانصافي جي خلاف احتجاج ڪن ۽ قوم کي حقيقتون ٻڌائين.جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪند فرمايو ته اوهان پاڪستان جي  سلامتي جي سڀني کان وڏي عهدي تي فائز آهيو. اوهان کي وزير اعظم کان پچڻ گهرجي ته انهن سي پيڪ منصوبي يا قطر  سان ٿيندڙ معاهدن ۾ ڪي پي ڪي ، بلوچستان ۽ سنڌ جي نمائندن کي شامل ڇو نه ڪيو. انهن فرمايو ته مان پاڪستان کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان ۽ چاهيان ٿو ته پاڪستان جي مفادن ۾ چئني صوبن کي ساڻ وٺي ڪري هلڻ گهرجي. سڀني کي اعتماد ۾ وٺي ڪري ٻيهر معاهدو ڪيو وڃي. نه ته پاڪستان جا عوام انهن معاهدن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا.جنرل راحيل شريف صاحب اوهان وٽ طاقت آهي خدا جي واسطي اڳتي وڌو ۽ پاڪستان کي بچائي وٺو، پاڪستان ڪنهن هڪ خاندان جو نه بلڪه 20 ڪروڙ عوام جو ملڪ آهي. خدا جي واسطي سڀني کي انصاف ڏياريو ۽ اڳتي وڌي ڪري پاڪستان کي بچائي وٺو. جيڪڏهن پاڪ فوج حڪمرانن جي ڌاندلي کي نه روڪيو ته تاريخ انهن کي به حڪمرانن جي ڏوھ ۾ شريڪ سمجهندي. جناب الطاف حسين فرمايو ته الله تعالٰي  سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي ليڊرن کي ايتري همت ڏي جو اهي نواز شريف جي سامهون سينو کولي ڪري بيهي سگهن ۽ پنهنجن صوبن سان ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف آواز اٿاري سگهن. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ نام نهاد لبرل سياسي ۽ مذهبي جماعتون جاگيردارن، وڏيرن، سردارن، خانن ۽ سرمائيدارن تي ٻڌل آهن. قيام پاڪستان کان وٺي ڪري اڄ تائين اها اشرافيه ۽ ايليٽ ڪلاس نسل کان وٺي حڪومت ڪندي پئي اچي. بيوروڪريسي ۽ پاليسي ساز ادارن ۾ پنهنجي جڳھھ بڻائيندي پئي اچي.  پاڪستان جي آبادي 20 ڪروڙن کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي. پر سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ايوانن ۾ 20 ڪروڙ عوام جي نمائندگي نه ٿي ڪئي وڃي. اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جو حق صرف انهن جو ئي تسليم ڪيو وڃي ٿو. جن وٽ دولت ۽ محل آهن. پاڪستان ۾ تعليم يافته غريب ۽ وچولي طبقي ۽ هارين ۽ پورهيتن کي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي مقابلي ۾ اليڪشن وڙهڻ جو ڪوئي به حق نه آهي. انهن فرمايو ته انهن وڏيرن ۽ جاگيردارن ڪڏهن به بسن ۾ سفر نه ڪيو آهي. ان جي ڪري انهن کي پاڪستان جي 98 سيڪڙو غريب ۽ وچولي طبقي جي عوام جي مسئلن جي ڪائي به ڄاڻ نه آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ واحد جماعت ايم ڪيو ايم آهي جنهن ڪمند جو رس وڪڻڻ واري، رڪشو ۽ ٽيڪسي  هلائڻ واري تعليم يافته کي به پهريون ڀيرو سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ موڪليو. پاڪستان جي اسٽيبلشيمنٽ کي به ايم ڪيو ايم جي اخلاقي مدد ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جي حڪمراني قائم ڪرڻ چاهي ٿي. انهن ايم ڪيو ايم جي تاريخي واقعن جو ذڪر ڪندي فرمايو ته 3 فيبروري 1981 تي جماعت اسلامي جي ٿنڊر اسڪواڊ اسان تي تشدد ڪري اسان کي ڪراچي جي تعليمي ادارن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو. 8 آگسٽ 1986 تي اسان ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ جلسو منعقد ڪيو جنهن ۾ تيز مينھھ وسڻ شروع ٿي ويو، ماڻهن تيز مينھھ جي باوجود مثالي نظم و ضبط جو مظاهرو ڪري سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو هو. ان کان پوءِ 31 آڪٽوبر 1986 تي پڪا قلعه حيدرآباد ۾ ٻيو وڏو جلسو منعقد ڪيو ويو ته ڪراچي کان ايندڙ جلوس تي سهراب ڳوٺ ۾ فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ 7 ڪارڪن شهيد ۽ درجنين زخمي ٿي پيا هئا. جڏهن اهو جلوس حيدرآباد پهتو ته اتي به هڪ هوٽل مان جلوس تي فائرنگ ڪئي وئي.جنهن ۾ 5 ڪارڪن شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پڪا قلعه گرائونڊ ۾ لکين ماڻهن جو ميڙ هو پر مان پنهنجي تقرير ۾ صرف ايم ڪيو ايم جو منشور بيان ڪيو ۽ سهراب ڳوٺ واقعي ۽ مارڪيٽ واقعي جو ڪوئي به ذڪر نه ڪيو. اهو ان جي ڪري ته ماڻهو ڪاوڙ ۾ نه اچي وڃن. انهن فرمايو ته جنهن جماعت جو قائد عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ ان قدر احتياط کان ڪم وٺي پر پوءِ به اڄ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ بيوروڪريسي انهي الطاف حسين جي خلاف آهي. انهن فرمايو ته 1979 ۾ مون کي پاڪستان جو جهنڊو ساڙڻ جي الزام ۾ 9 مهينا قيد ۽ پنجن ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي. 1987  ۽ 1988 ۾ مون کي ڪوڙن الزامن ۾ گرفتار ڪيو ويو. مون تي پوليس اهلڪار جي ٽوپي چوري ڪرڻ جو به کل جوڳو مقدمو قائم ڪيو ويو. 1992 ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف رياستي آپريشن ڪيو ويو ۽ ان تي ٽارچر سيل هلائڻ ۽ جناح پور ٺاهڻ جا ڪوڙا الزام هڻي ڪري بي گناھ ڪارڪنن  کي شهيد، زخمي ۽ معذور ڪيو ويو. پر اهي الزام به ڪوڙا ثابت ٿيا. جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ٽارچر سيل هلائي ها ته ماڻهو 92 جي آپريشن تي جمهريون پائين ها ۽ آئنده ڪڏهن به ايم ڪيو ايم کي ووٽ نه ڏين ها. 1992 کان پوءِ ٿيندڙ اليڪشنن ۾ ايم ڪيو ايم ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ووٽ کنيا. جيستائين جناح پور جي الزام جو تعلق آهي ته فوج جي تعلقات عامه ان الزام جي ترديد ڪري ڇڏي هئي . 1998 ۾ ايم ڪيو ايم تي حڪيم سعيد جي قتل جو ڪوڙو الزام لڳائي ڪري ان وقت جي وزير اعظم ميان نواز شريف سنڌ جي چونڊيل حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو. سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائي ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي معطل ڪئي وئي ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف هڪ ٻيو رياستي آپريشن شروع ڪيو ويو. پر بعد ۾ عدالت ۾ ثابت ٿي ويو ته حڪيم سعيد قتل جو الزام اسان تي ڪوڙو هو. ان مقدمي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي به باعزت طريقي سان آزاد ڪيو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مخالفن جي طرفان ڪيترن ئي سالن تائين اهو مخالف پروفيگنڊو ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم طاقت جي زور تي ووٽ وجهرائي ٿي.پر جڏهن 93 19جي قومي اسيمبلي جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ته پولنگ اسٽيشنن تي ڪتا سمهيا پيا هئا( يعني ڪو به ماڻهو ووٽ وجهڻ نه آيو). 2013 جي اليڪشن ۾ ڪراچي ۾ چار صوبائي اسيمبلين جي تڪن تي ننڍي چونڊ فوج جي نگراني ۾ ٿي ، پولنگ اسٽيشنن جي اندر ۽ ٻاهر فوج مقرر هئي پر ان جي باوجود ڪاميابي ايم ڪيو ايم کي ملي. اهڙي طرح اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ رينجر جا اهلڪار پولنگ اسٽيشنن جي اندر ۽ ٻاهر موجود هئا ۽ پولنگ بوٿن ۾ ڪلوز سرڪٽ ڪيميرا به لڳل هئا ۽ غير ملڪي مندوبين به هر هنڌ موجود هئا ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف بدترين ميڊيا ٽرائل به جاري هو پر ان جي باوجود ايم ڪيو ايم تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي.انهن فرمايو ته هن مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم صرف ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ئي نه بلڪه ميرپورخاص، ٽنڊو الهيار ۽ نواب شاھ مان به تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم کي هن ڀيري مهاجرن ئي نه بلڪه پنجابين، پختونن، سنڌين، سرائيڪن، هزاري والن ۽ گلگتي بلتستانين ۽ ٻين قومن جي ماڻهن به ووٽ ڏنا. انهن فرمايو ته الله سائين جو لک لک شڪر آهي ته ايم ڪيو ايم هن ڀيري ماضي جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا وڌيڪ ووٽ کنيا ۽ پنهنجي خلاف سمورن الزامن کي ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو. انهن فرمايو ته مان سمورين قومن کي چوان ٿو ته اچو ايم ڪيو ايم جا هٿ مضبوط ڪريو ۽ اچو گڏجي ڪري پاڪستان کي مضبوط ڪريون. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن پاڪستان ۾ ڪوڙن الزامن جو سازشون ڪارگر ثابت نه ٿيون ته منهنجي خلاف برطانيه ۾ سازشون ڪيون ويون. پر الله تعالٰي عوام جي دعائن جي صدقي مون کي ڪاميابي عطا ڪئي ۽ انهن الزامن جي مقابلي ۾ مون کي ڪاميابي عطا فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته حڪمرانن کي منهنجو اهو ئي پيغام آهي ته خدا جي واسطي ايم ڪيو ايم تي ڪوڙا ۽ بي بيناد الزام هڻڻ جو سلسلو ختم ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم هڪ حقيقت آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي وجود کي تسليم ڪيو وڃي. انهن پنهنجي خطاب ۾ فوج جي لاءِ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي فرمايو ته اسان فوج جو ڪالھھ به احترام ڪندا هئاسين ۽ اڄ به ڪريون ٿا. خدا جي واسطي اسان کي پنهنجو دشمن نه سمجهو ۽ اسان به اوهان کي غير نه بلڪه پنهنجو سمجهون ٿا. انهن فرمايو ته شڪايت ۽ ميار به ان کي ڏني وڃي ٿي جيڪو پنهنجو هجي ٿو. اسان جي شڪايتن جو برو مڃائڻ  جي بجاءِ انهن تي همدردي سان غور ڪريو ۽ انهن جو ازالو ڪريو. اسان سمورين رخائين جو خاتمو چاهيون ٿا ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ ان جي ترقي جي لاءِ فوج، اسٽيبلشمينٽ ۽ محب وطن پاڪستانين کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو غير مشروط تعاون پيش ڪريون ٿا. اچو ته ماضي  جي رخائين کي وساري دوستي ۽ بهتر تعلقات جي هڪ نئين دور جو آغاز ڪريون. پاڪستان هن وقت چئني طرفن کان خطرن ۾ جڪڙيل آهي ۽ اچو ته گڏجي ڪري ملڪ کي خطرن ۽ مشڪلاتن مان ڪڍون ۽ ملڪ ۽ قوم جا مسئلا حل ڪريون. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي منزل پاڪستان جي سلامتي ۽ مضبوطي آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال ڏسڻ چاهي ٿي. ملڪ ۾ ڀائيچاري جو فروغ چاهي ٿي ته جيئن ملڪ ترقي ڪري. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ دنيا جي هر ملڪ ۾ نوان انتطامي يونٽ ۽ صوبا قائم ٿي رهيا آهن. آبادي جي وڌڻ سان گڏو گڏ انتظامي بنيادن تي نوان نوان شهر به آباد ٿي رهيا آهن. پر اسان پاڪستان ۾ اڄ به صرف چئن صوبن کي چنبڙيل آهيون. مان واضع طور تي چئي رهيو آهيان ته پاڪستان کي هاڻي صرف چئن صوبن سان هلائي نه ٿو سگهجي. پاڪستان کي بچائڻو آهي ۽ ان کي ترقي ڏيارڻي آهي ته ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 انتظامي يونٽ ۽ صوبا بڻائڻا پوندا. جناب الطاف حسين سڄي ملڪ جي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي کي برقرار رکن. پوري دنيا ۾ شيعه ۽ سني فسادن جي سازش ٿي رهي آهي. پنڊال جا شرڪاء عهد ڪن ته سمورن مذهبن ۽ مڪاتب فڪر سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو گڏجي ڪري رهندا ۽ پاڻ ۾ جهيڙو نه ڪندا. جناب الطاف حسين فرمايو ته الله تعالٰي تحريڪ جي مخلص ۽ ثابت قدم ساٿين، امڙين، ڀينرن ، بزرگن ۽ معصوم ٻارن جي دعائن سان برطانيه ۾ لڳايل ڪوڙن الزامن مان مون کي ۽ حق پرستي جي تحريڪ کي ڪامياب ڪرايو آهي. جنهن تي سمورن مذهبن، عقيدن، مسلڪن ۽ قومن سان تعلق رکڻ وارا  حق پرست زبردست خراج تحسين جا مستحق آهن. انهن فرمايو ته مسجدن، امام بارگاهن ۽ ٻين مذهبن جي مڃڻ وارن به عبادتگاهن ۽  پنهنجن گهرن تي امڙين، ڀينرن ، بزرگن ۽ تحريڪي ساٿين دعائيه اجتماع منعقد ڪيا  ۽ مون سان پنهنجي تمام گهڻي محبت جو اظهار ڪيو . جنهن تي مان انهن سڀني جو دل سان ٿورو مڃان ٿو. جناب الطاف حسين پنهنجي خطاب جي آخر ۾ اهي شعر به پڙهيا. 
آج بهي منزلون پي لگي هي نظر
دل ۾ رکهتي هين عزم سفر آج بهي
دل شڪسته نه سمجهي زمانه همين
اپني همت هي سينه سپر آج بهي.
پنهنجي خطاب جي آخر ۾ جناب الطاف حسين پاڪستان زنده باد جو نعرو به هنيو. 

4/20/2024 12:00:21 AM