Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پي آئي اي جي ملازمن جا جائز مطالبا ٻڌڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي بجاءِ انهن تي يلغار وڏو ظلم آهي.


پي آئي اي جي ملازمن جا جائز مطالبا ٻڌڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي بجاءِ انهن تي يلغار وڏو ظلم آهي.
 Posted on: 2/3/2016 1
پي آئي اي جي ملازمن جا جائز مطالبا ٻڌڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي بجاءِ انهن تي يلغار وڏو ظلم آهي.
ايم ڪيو ايم ليبر ڊويزن انچارج اسد ڪاظمي.
ڪراچي: 3 فيبروري 2016 
                   متحده قومي موومينٽ  ليبر ڊويزن جي انچارج اسد ڪاظمي پي آئي اي جي ملازمن تي پوليس ۽ رينجر جي تشدد ۽ فائرنگ ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي پي آئي اي جي ملازمن جا جائز مطالبا ٻڌڻ ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي بجاءِ انهن تي جهڙي طرح تشدد ڪيو ويو اهو هڪ وڏو ظلم آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته پنهنجن جائز مطالبن جي لاءِ احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو آئيني ۽ قانوني حق آهي. پر پي آئي اي جي احتجاج ڪندڙ ملازمن تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ ٽي ملازم شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي به ٿي پيا جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن چيو ته پي آئي اي جي ملازمن سان جهڙي طرح جو سلوڪ ڪيو ويو آهي ته ان مان ملڪ ۾ جمهوريت جو ڪهڙو فائدو ۽ اهڙي جمهوريت ۽ آمريت ۾ پوءِ ڪهڙو فرق رهجي وڃي ٿو.انهن پي آئي اي جي ملازمن جي شهيد ٿيندڙ پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي پونئرن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ زخمين جي لاءِ صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها مظاهرين تي پوليس ۽ رينجر جي تشدد ۽ فائرنگ جي واقعي جي تحقيقات ڪرائي ۽ ان واقعي ۾ملوث ماڻهن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي.
*****

4/18/2024 10:49:53 PM