Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪنوينر ۽ شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق جي بيوه شمائله عمران ۽ فرزندن عاليشان ۽ وجدان به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن پهچي ڪري مبارڪباد ڏني.


ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪنوينر ۽ شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق جي بيوه شمائله عمران ۽ فرزندن عاليشان ۽ وجدان به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن پهچي ڪري مبارڪباد ڏني.
 Posted on: 2/3/2016 1
ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪنوينر ۽ شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق جي بيوه شمائله عمران ۽ فرزندن عاليشان ۽ وجدان به قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن پهچي ڪري مبارڪباد ڏني.
منفي پروفيگنڊو ۽ زهريليون ڳالهيون ڪرڻ وارا ماڻهو ڏسي وٺن ته شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي بيوه ۽ ٻار به مون سان گڏ آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن: 3 فيبروري 2016 
                 ميٽرو پوليٽن پوليس جي طرفان ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي پوليس ضمانت جون پابنديون ختم ٿيڻ تي جتي لنڊن ۽ مختلف شهرن کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي وڏي تعداد جناب الطاف حسين کي مبارڪباد پيش ڪرڻ جي لاءِ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن پهتي هئي ته اتي  ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪنوينر ۽ شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي بيوه شمائله عمران ۽ ٻئي پٽ عاليشان ۽ وجدان به پهتا هئا. ڪارڪنن کي خطاب جي دوران قائد تحريڪ جناب الطاف حسين فرمايو ته شهيد انقلاب ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي باري ۾ ايم ڪيو ايم جا دشمن خبر نه آهي ته ڪهڙيون ڪهڙيون گمراھ ڪندڙ ۽ زهريليون ڳالهيون ڪندا رهن ٿا. پر ماڻهو ڏسي وٺن ته ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي بيوه ۽ ٻار مون سان گڏ آهن ۽ اڄ به هتي ويٺا آهن. ان موقعي تي جناب الطاف حسين ڊاڪٽر عمران فاروق شهيدجي بيوه شمائله عمران ۽ انهن جي ٻارن عاليشان ۽ وجدان کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ انهن کان پچيو ته اوهان مون کي ڇا چئي ڪري سڏيو ٿا؟ ان تي ٻنهي ٻارن عاليشان ۽ وجدان جواب ڏنو ته“ ڏاڏو ابا ” ان کان پوءِ جناب الطاف حسين ٻنهي ٻارن کي پنهنجي سيني سان لڳايو ۽ پيار ڪيو. ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جي ذڪر تي انهن جي بيوه شمائله روئڻ لڳي. جنهن تي جناب الطاف حسين انهن جي مٿي تي شفقت جو هٿ رکيو ۽ دعائون ڏنيون. ان موقعي تي پوري سيڪريٽريٽ جو ماحول غمگين ٿي ويو هو. 
*****

4/25/2024 7:49:16 AM