Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان ۾ ڪٿي به پرامن احتجاجي مظاهري تي رياستي تشدد قابل مذمت آهي. خالد مقبول صديقي


پاڪستان ۾ ڪٿي به پرامن احتجاجي مظاهري تي رياستي تشدد قابل مذمت آهي. خالد مقبول صديقي
 Posted on: 2/2/2016 1
پاڪستان ۾ ڪٿي به پرامن احتجاجي مظاهري تي رياستي تشدد قابل مذمت آهي. خالد مقبول صديقي
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ  عزيز آباد ۾ پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 2 فيبروري 2016 
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پي آئي اي جي نجڪاري جي خلاف پي آئي اي جا ملازم احتجاج ڪري رهيا هئا پر ڪراچي ۾ احتجاجي مظاهرين تي رياستي تشدد ڪيو ويو جيڪو ان نام نهاد جمهوري حڪومت جي بدترين مثال آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ ڪيو . ان موقعي تي ٻيا به موجود هئا.  انهن چيو ته پي آئي اي جا ملازم ڪهڙي دهشت گردي ڪري رهيا هئا.جو رينجر ۽ پوليس جي  طرفان انهن تي تشدد ڪيو ويو ۽ گوليون به هلايون ويون. جنهن جي نتيجي ۾ ٽي بي گناھ ملازم شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.  انهن چيو ته پي آئي اي جا ملازم ته ڪيترن ئي ڏينهن کان  سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن پر اها مهرباني صرف ڪراچي وارن سان ئي ڇو ڪئي پئي وڃي. جو انهن تي گوليون ۽ لٺيون وسايون وڃن. انهن چيو ته اها تاريخ آهي ته ڪراچي جي عوام تي گوليون هلائڻ سڀني کان آسان آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن سڄي ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي پنجاب ۾ واپڊا جي آفسين کي باھ  لڳائي وڃي ته تڏهن به ڳالھھ گولين ۽ تشدد تائين نه ٿي پهچي ۽ 1977 ۾ نظام مصطفٰي صلي الله عليه وسلم تحريڪ جي دوران ڪراچي ۾ هزارين ماڻهن تي فائرنگ ۽ تشدد ڪيو ويو هو. جنهن ۾ درجنين ماڻهو هلاڪ ٿيا هئا پر جڏهن ته انهي تحريڪ جي ماڻهن تي لاهور ۾ گوليون هلائڻ جو حڪم ڏنو ويو ته بندوقن جو منھھ جهڪي ويو.انهن چيو ته پي آئي اي  جي ملازمن جي طرفان ان پرتشدد واقعي کان پوءِ قائم ڪيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جيڪڏهن احتجاج جو فيصلو ڪري ٿي ته ايم ڪيو ايم ان سان گڏ آهي ۽ ڪالھھ سنڌ اسيمبلي ۾ به ان معاملي کي اٿاريندي ۽ قومي اسيمبلي ۾ به ان معاملي کي اٿاريندي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ان واقعي ۾ هلاڪ ٿيندڙن جي پونئرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ اسان زخمي ٿيندڙن جي مڪمل صحتيبابي لاءِ دعا به ڪريون ٿا. 

4/18/2024 7:38:01 PM