Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه خير خواھ آهيون ۽ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال ڏسڻ چاهيون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه خير خواھ آهيون ۽ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال ڏسڻ چاهيون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 10/6/2015
اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه خير خواھ آهيون ۽ پاڪستان کي مضبوط ۽ خوشحال ڏسڻ چاهيون ٿا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اسان فوج ۽ رينجر سميت پاڪ فوج جي سمورن ادارن جو احترام ڪريون ٿا ۽ ڪنهن سان به ٽڪراءُ نه ٿا چاهيون.
مون کي برطانيه جي ميٽروپوليٽن سروس ۽ برطانيه جي قانون ۽ انصاف تي پورو يقين آهي.
ضمانت ۾ توسيع کان پوءِ نائن زيرو ۽ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ جمع ٿيندڙ ڪارڪنن ۽ همدردن کي خطاب.
لنڊن: 6 آڪٽوبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان پاڪستان کي خوشحال، مضبوط ۽ ترقي ڪندي ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان فوج ۽ رينجر سميت پاڪ فوج جي سمورن ادارن جو احترام ڪريون ٿا ۽ ڪنهن سان به ٽڪراءُ نه ٿا چاهيون ۽ اسان جو پاڪ فوج ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي صرف اهو ئي چوڻ آهي ته اسان جي به وجود کي تسليم ڪيو وڃي، اسان کي به انسان سمجهيو وڃي ۽ اسان کي ختم ڪرڻ جي روش ختم ڪئي وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن ضمانت ۾ توسيع کان پوءِ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۽ نائن زيرو تي گڏ ٿيندڙ ڪارڪنن ۽ همدردن کي خطاب ڪندي ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان گذريل سال جون کان ضمانت آهيان، ان کان پهرين به جڏهن منهنجي ضمانت ٿي هئي ته مان ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ اهو ئي چيو هو ته مون کي برطانيه جي ميٽرپوليٽن سروس ۽ برطانيه جي قانون ۽ انصاف جي نظام تي مڪمل يقين آهي ۽ اڄ به جڏهن منهنجي ضمانت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌارو ٿيو آهي ته برطانيه جي انصاف جي نظام تي منهنجي يقين ۽ اعتماد ۾ ڪائي به تبديلي نه آئي آهي. انهن پنهنجي مٿان لڳل الزامن جي هڪ ڀيرو ٻيهر واضع لفظن ۾ ترديد ڪئي . انهن فرمايو ته ڇو ته الزامن جي تحقيقات جاري آهي، ان جي ڪري مان وڌيڪ تفصيلات ٻڌائڻ کان قاصر آهيان. جنهن جي لاءِ مان عوام کان معذرت چاهيان ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ان موقعي تي ڀرپور سپورٽ ڪرڻ ۽ الله تعالٰي جي حضور خصوصي دعائون ڪرڻ تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ موجود پنهنجين لکين ڪارڪنن ۽ پوري قوم جو شڪر گذار آهيان ۽ انهن کي چوان ٿو ته اهي پنهنجين صفن ۾ اتحاد برقرار رکن ۽ پوري قانوني ڪاروائي جي دوران پرامن رهن. انهن فرمايو ته مان پاڪستان جي محروم ۽ مظلوم عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو ۽ انهن کي يقين ڏياريان ٿو ته مان انهن کي ڪنهن به قيمت تي مايوس نه ڪندس ۽ انهن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندو رهندس.  جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ منهنجي پيشي جي موقعي تي ڪجھ ماڻهن عوام کي گمراھ ڪرڻ جي لاءِ منهنجي باري ۾ طرح طرح جون ڳالهيون ڪيون. پر الله تعالٰي جو ڪرم آهي ته مان پنهنجن ساٿين ، امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ ٻارڙن جي دعائن ۽ پوري قوم جي دعائن سان اڄ به عوام جي وچ ۾ آهيان ۽ انهن سان ڳالھ ڪري رهيو آهيان. تحريڪ ۽ قوم سان منهنجو رشتو ختم نه ٿو ڪري سگهجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان تي دهشت گردي ۽ ملڪ دشمني جا ڪوڙا الزام لڳايا وڃن ٿا. اسان پاڪستان جا دشمن نه بلڪه ان جا خير خواھ آهيون ۽ اسان پاڪستان کي مضبوط ڏسڻ چاهيان ٿو. انهن فرمايو ته اسان جو رستو لڙائي ۽ جهيڙي جو نه آهي ۽ جهيڙو ڪرڻ اسان جي درس ۽ تبليغ نه آهي. اسان جو پاڪ فوج ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي صرف اهو ئي چوڻ آهي ته اسان جي وجود کي به تسليم ڪيو وڃي. اسان کي به انسان سمجهيو وڃي ۽ اسان کي ختم ڪرڻ جي روش ترڪ ڪئي وڃي ۽ اسان جي خلاف جاري رياستي ڏاڍ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. اسان جي بي گناھ ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل، ڇاپا ۽ گرفتاريون بند ڪيون وڃن اسان کي به پنهنجيون آفيسون ۽ سياسي سرگرميون انجام ڏيڻ جي آزادي ڏني وڃي . جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان کي گهرجي ته اسان طاقت جي نشي ۾ پاڻ کي خدا سمجهڻ جي بجاءِ چنگيز خان، هلاڪو خان، رومن ايمپائر ۽ دنيا ۾ ٻين وڏن وڏن ظالمن کان سبق حاصل ڪريون ۽ پنهنجي عوام جي خلاف طاقت جو استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪريون. انهن فرمايو ته اسان جي ڪائي به اهڙي آفيس نه آهي جنهن تي ڇاپو نه هنيو ويو هجي. جڏهن ته ٻئي پاسي پابندي وڌل تنظيمن ۽ جهادي عناصر کي پيدا ڪرڻ واري ڪنهن به مدرسي تي ڇاپو نه هنيو ويو آهي، انصاف ۽ قانون جو اهو ٻٺو نظام ۽ طرز عمل افسوسناڪ آهي. انهن سمورن بااصول پنجابين، پختونن، بلوچن، سنڌين، سرائيڪين، ڪشميرين، گلگتين ۽ بلتستانين سميت سڀني قومن جي باضمير عوام کي چيو ته  اهي ڏسن ته اسان تي ڪهڙي طرح ظلم ڪيا پيا وڃن، اوهان ظلم کي ظلم چئو ڇو ته ظلم ٿيندي ڏسڻ ۽ لڳاتار ڏسڻ ۽ ان ظلم تي خاموش رهڻ به ظلم ڪرڻ ۾ شامل هجڻ جي برابر آهي. انهن ڪارڪنن ۽ عوام کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ٽي وي چينلن تي منهنجا خطاب ،بيان ۽ تصويرون نشر ۽ شايع ڪرڻ تي پابندي عائد آهي. پر اوهان ان کان بلڪل به مايوس نه ٿيو ۽ ثابت قدمي سان تحريڪ جي جدوجهد جاري رکو، ايم ڪيو ايم کي هميشه الله تعالٰي ئي بچايو آهي ۽ اهو ئي ان کي قائم رکندو ۽ انشاء الله تعالٰي دنيا جي ڪائي به طاقت ان کي ختم ڪري نه ٿي سگهي.  انهن ٽي وي چينلن جي اينڪر پرسنن ۽ تجزيه نگارن کي چيو  ته اوهان ايم ڪيو ايم جي پاليسين تي مثبت تنقيد ضرور ڪريو پر گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ بي بنياد الزام لڳائڻ کان پاسو ڪريو.  جناب الطاف حسين ڪارڪنن، عوام ۽ خصوصن امڙين ۽ ڀينرن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان گڏيل طور تي ۽ گهرن ۾ الله تعالٰي جي حضور منهنجي لاءِ دعائون ڪيون، الله تعالٰي اوهان جو دعائون قبول ڪيون ۽ مان اوهان جي وچ ۾ آهيان. جناب الطاف حسين ضمانت جي موقعي تي تمام تر انتظام سٺي نموني سان انجام ڏيڻ ۽ سمورا تنظيمي معاملا سٺي انداز ۾ ادا ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت کي خصوصي خراج تحسين پيش ڪيو. انهن رابطا ڪميٽي ، سي اي سي ، سمورن شعبن، انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ جي سمورن ميمبرن ۽ سيڪٽر و يونٽ جي ڪارڪنن کي به ڏکئي وقت ۾ ثابت قدمي، مستقل مزاجي ۽ بهادري سان ڪم ڪرڻ تي دل جي گهرائين سان زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. 
*****

4/25/2024 6:40:51 AM