Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي ايم ڪيو ايم جي ئي ايم پي ايز سيد رضا حيدر ۽ ساجد قريشي جي قتلن ۽ ايم ڪيو ايم جي اليڪشن آفيسن تي بم ڌماڪن جو الزام عائد ڪرڻ هن سال جو سڀني کان وڏو مذاق آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


 Posted on: 10/4/2015
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي ايم ڪيو ايم جي ئي ايم پي ايز سيد رضا حيدر ۽ ساجد قريشي جي قتلن ۽ ايم ڪيو ايم جي اليڪشن آفيسن تي بم ڌماڪن جو الزام عائد ڪرڻ هن سال جو سڀني کان وڏو مذاق آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 4 آڪٽوبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي ايم ڪيو ايم جي ئي ايم پي ايز سيد رضا حيدر ۽ ساجد قريشي جي قتلن ۽ 2013 ۾ ايم ڪيو ايم جي اليڪشن آفيسن تي بم ڌماڪن جو الزام هڻڻ هن سال جو سڀني کان وڏو ڀوڳ آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ئي نه بلڪه سڄي ملڪ جا ماڻهو چڱي نموني ڄاڻين ٿا ته پابندي وڌل تنظيمن ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن رضا حيدر ۽ ساجد قريشي جي قتلن جي نه صرف ذميواري قبول ڪئي هئي بلڪه ان کان پوءِ پوليس انهن جي قتلن ۾ ملوث پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن کي گرفتار به ڪيو هو ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي انهن گرفتار ڪيل دهشت گردن جا اعترافي بيان به اچي چڪا آهن. اهڙي طرح پاڪستان جا عوام ان حقيقت کان چڱي نموني واقف آهن ته تحريڪ طالبان پاڪستان 2013 جي اليڪشن جي موقعي تي باقائده ڌمڪي ڏني هئي ته اها ايم ڪيو ايم ، اي اين پي ۽ پي پي کي ڪنهن به قيمت تي اليڪشن وڙهڻ نه ڏيندي ۽ انهن کي نشانو بڻائيندي. پنهنجي ان ڌمڪي تي عمل ڪندي طالبان ايم ڪيو ايم جي اليڪشن آفيسن تي بمن جا ڌماڪا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جا ڪيترا ئي ڪارڪن ۽ همدرد شهيد ۽ زخمي ٿي پيا هئا ۽ طالبان ان جي ذميواري به قبول ڪئي هئي پر ان جي باوجود رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن جي قتلن ۽ اليڪشن آفيسن تي بم ڌماڪن جو الزام ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي عائد ڪرڻ هڪ وڏي کل جوڳي ڳالھ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي ڪوڙا الزام ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪرمنلائزيشن جي پاليسي جو حصو آهي. 


4/18/2024 1:34:54 PM