Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حق پرست نمائندن پنهنجي مڪاني حڪومت جي دور ۾ ڪراچي کي دنيا جي مشهور شهرن ۾ شامل ڪرائي ڇڏيو. شاهد پاشا


حق پرست نمائندن پنهنجي مڪاني حڪومت جي دور ۾ ڪراچي کي  دنيا جي مشهور شهرن ۾ شامل ڪرائي ڇڏيو. شاهد پاشا
 Posted on: 10/3/2015
حق پرست نمائندن پنهنجي مڪاني حڪومت جي دور ۾ ڪراچي کي  دنيا جي مشهور شهرن ۾ شامل ڪرائي ڇڏيو. شاهد پاشا
ڪارڪن نه ته ماضي ۾ گندن هٿڪنڊن کان خوفزده ٿيا ۽ نه ئي هن ڀيري باطل قوتن کي فتح نصيب ٿيندي.زاهد منصوري
لال قلعه گرائونڊ ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب
ڪراچي: 3 آڪٽوبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا چيو آهي ته جناب الطاف حسين کي نقصان پهچائڻ جون سازشون ماضي وانگر هن ڀيري به ناڪام ٿينديون. انهن خيالن جو اظهار انهن لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ريحانه نسرين، عارف خان، ڪمال ملڪ، رضوان بابر، گلفراز خان خٽڪ، عبدالقادر خانزاده ۽ زاهد منصوري به موجود هئا. شاهد پاشا چيو ته اڄ ميڊيا تي جناب الطاف حسين کي قتل ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن پر جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارا انهن جي وار کي به تئو اچڻ نه ڏيندا، انهن چيو ته چوڌري نثار جي ويڊيو ۽ برطانيه ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق شهيد جو قتل هڪ ئي سازش جو حصو معلوم ٿئي ٿو. انهن چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن جي تيارين جي سلسلي ۾ ڪارڪن ۽ ذميوار مصروف آهن ڪارڪن مڪاني ادارن جي اليڪشن جي حوالي سان پنهنجا ڪوائف مڪمل ڪري وٺن ته جيئن اليڪشن ۾ ڪائي به پريشاني نه ٿئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر زاهد منصوري چيو ته جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف ماضي وانگر هن ڀيري به سازشون ڪيون پيون وڃن پر ڪارڪن نه ته ماضي ۾ اهڙن گندن هٿڪنڊن کان خوفزده ٿيا هئا ۽ نه ئي هن ڀيري خوفزده ٿيندا. جنرل ورڪرز اجلاس ۾ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار جي انٽرويو جي ويڊيو ڪلپ به ڏيکاري وئي. 


4/20/2024 3:41:54 AM