Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين بلوچستان جي عوام جي خلاف ٿيندڙ هر ظلم ۽ هر جائز مسئلي جي حمايت ۾ ڀرپور آواز بلند ڪئي آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ.


جناب الطاف حسين بلوچستان جي عوام جي خلاف ٿيندڙ هر ظلم ۽ هر جائز مسئلي جي حمايت ۾ ڀرپور آواز بلند ڪئي آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ.
 Posted on: 2/24/2015
جناب الطاف حسين بلوچستان جي عوام جي خلاف ٿيندڙ هر ظلم ۽ هر جائز مسئلي جي حمايت ۾ ڀرپور آواز بلند ڪئي آهي. رابطا ڪميٽي ميمبر گلفراز خان خٽڪ.
نصير آباد.24 فيبروري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر گلفراز خان خٽڪ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سياست برائي خدمت تي يقين رکي ٿي اها ئي وجه آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين انساني خدمت کي نظر ۾ رکندي ايم ڪيو ايم جي قيام کان پهرين ئي خدمت خلق جي فلاحي اداري جي بنياد رکي. جنهن جو سلسلو هاڻي پوري ملڪ ۾ ڦيلجي چڪو آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم بلوچستان جي زير اهتمام ضلع ڪائونسل هال ڊيره مراد جمالي ۾ منعقد ٿيندڙ جنرل ورڪرز اجلاس ۽ ڪي ڪي ايف جي امدادي پروگرام جي شرڪاء سان اظهار خيال ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪي ڪي ايف جي طرفان مستحق ماڻهن ۾ کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيون ضروري شيون به ورهايون ويون.ان موقعي تي بلوچستان ڪميٽي جا ميمبر ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر يوسف شاهواڻي ۽ ڪارڪنن جي وڏي تعداد موجود هئي. گلفراز خان خٽڪ چيو ته جناب الطاف حسين پاڪستان کي هڪ مظبوط رياست جي طور تي ڏسڻ چاهڻ ٿا جنهن ۾ تمام قومن سان تعلق رکڻ وارن ۽ مختلف مذهبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن کي مڪمل آزادي هجي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين بلوچستان جي عوام جي خلاف ٿيندڙ هر ظلم ۽ جائز مسئلن جي حمايت ۾ ڀرپور آواز بلند ڪندي انهن جي حقن کي نظر انداز ٿيڻ نه ڏنو آهي. ان کان اڳ پي پي جي ضلعي صدر ڪامريڊ رشيد بلوچ ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جي ضلعي عهديدار ۽ ٻين ايم ڪيو ايم ۾ شموليت جو اعلان به ڪيو.

4/24/2024 7:06:07 PM