Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس.


رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن  جو گڏيل اجلاس.
 Posted on: 2/24/2015
رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن  جو گڏيل اجلاس.
 نديم نصرت کي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ فيصلو.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي.
ڪراچي؛ 24 فيبروري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي تحريڪ جي سينيئر ميمبر نديم نصرت کي گڏيل طور تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ان فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. اهو فيصلو تنظيم نو جي سلسلي ۾ اڄ  ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي گڏيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. واضع رهي ته نديم نصرت گذريل سيپٽمبر تائين ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر جي عهدي تي فائز هئا. پر تنظيمي ڪمن جي گهڻائي جي ڪري اهي سخت بيمار ٿي پيا هئا ۽ علاج  جي سلسلي ۾ طبي موڪل تي آمريڪا هليا ويا هئا. آمريڪا ۾ لڳاتار علاج کان پوءِ انهن جي صحت تمام گهڻي بهتر ٿي چڪي آهي ۽ ڊاڪٽرن انهن کي ٻيهر ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ اهي آمريڪا کان لنڊن پهچي ويا آهن. جيتوڻيڪ اڄ رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي گڏيل اجلاس ۾ نديم نصرت کي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر جي عهدي تي ٻيهر مقرر ڪيو ويو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ان فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. واضع رهي ته ڊاڪٽر نصرت شوڪت ۽ ڪهف الورٰي رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارجن جي حيثيت سان پنهنجيون ذميواريون انجام ڏيندا رهندا.

4/18/2024 7:09:49 PM