Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مسافر بسن، ويگنن ۽ پرائيويٽ گاڏين ۾ لڳل گيس سلينڊر هلندڙ ڦرندڙ بم آهن جيڪي انسانن کي موت جي ننڍ سمهاري رهيا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


مسافر بسن، ويگنن ۽ پرائيويٽ گاڏين ۾ لڳل گيس سلينڊر هلندڙ ڦرندڙ بم آهن جيڪي انسانن کي موت جي ننڍ سمهاري رهيا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 2/23/2015
مسافر بسن، ويگنن ۽ پرائيويٽ گاڏين ۾ لڳل گيس سلينڊر هلندڙ ڦرندڙ بم آهن جيڪي انسانن کي موت جي ننڍ سمهاري رهيا آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پاڪستان پهرين ئي دهشت گردن جي طرفان خودڪش حملن ۽ بم ڌماڪن جو نشانو بڻيل آهي، ٻئي طرف انهن گيس سلينڊرن جي شڪل ۾ عوام پاڻ ئي هلندڙ ڦرندڙ بمن کي پنهنجين گاڏين ۾ فٽ ڪري ورتو آهي.
رابطا ڪميٽي، تنظيمي شعبا ۽ اسيمبلي ميمبر گيس سلينڊرن سان ٿيندڙ تباهي ۽ ان جي نقصانن کان بچڻ جي لاءِ عوام کي هر سطح تي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ان معاملي کي پارليامينٽ ۾ به اٿاريو وڃي. نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ اسيمبلي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ.
لنڊن؛ 23 فيبروري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سمورن پاڪستانين کي مخاطب ڪندي انهن کي دردمندانه اپيل ڪئي آهي ته اهي خدا جي واسطي پنهنجين ڪارن، جيپن، بسن، ويگنن، ڪوچن ۽ هر قسم جي گاڏين مان گيس سلينڊر فوري طور تي ڪڍرائي انهن کي واپس پيٽرول يا ڊيزل تي منقتل ڪري ڇڏين. اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي ۽ اسيمبلي جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي 
فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مسافر بسن ۽ پرائيويٽ گاڏين ۾ لڳل سي اين جي ۽ ايل پي جي ڪٽ جا اهي گيس سلينڊر هلندڙ ڦرندڙ بم آهن جيڪي نه صرف انسانن کي موت جي ننڍ سمهاري ڇڏين ٿا بلڪه انهن جي لاشن کي به ناقابل شناخت بڻائي ڇڏين ٿا.انهن فرمايو ته پاڪستان پهرين ئي دهشت گردن جي طرفان خودڪش ڌماڪن ۽ بم ڌماڪن جو نشانو بڻيل آهي ٻئي طرف انهن گيس سلينڊرن جي شڪل ۾ عوام پاڻ ئي هلندڙ ڦرندڙ بمن کي پنهنجين گاڏين ۾ فٽ ڪري ورتو آهي.انهن ناقص گيس سلينڊرن جي ڦاٽڻ جي صورت ۾ گاڏين وارا نه صرف پاڻ هلاڪ ٿي وڃن ٿا بلڪه درجنين مسافرن کي به موت جي ننڍ سمهاري ڇڏين ٿا. جناب الطاف حسين عوام کي اپيل ڪندي فرمايو ته انهن هلندڙ ڦرندڙ بمن کان بچڻ جو طريقو اهو آهي ته انهن کي گاڏين مان فوري طور تي ڪڍرائي گاڏين کي واپس پيٽرول يا ڊيزل تي منقتل ڪري ڇڏجي.انهن عوام کي اها به اپيل ڪئي ته اهي اهڙين بسن، ويگنن، ڪوچن ۽ ٻين گاڏين ۾ سفر ڪرڻ کان  پاسو ڪن جيڪي گيس سلينڊرن تي هلايون پيون وڃن. انهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سربراهن کي اپيل ڪئي ته اهي گيس سلينڊرن سان ٿيندڙ ڌماڪن کان بچاءُ جي لاءِ هنگامي بينادن تي قدم کڻڻ، ڪجھ ڏينهن جو نوٽس ڏيئي ڪري گيس سلينڊرن تي هلندڙ گاڏين جا لائسنس منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي ته جيئن انهن هلندڙ ڦرندڙ بمن جي ڌماڪن کان معصوم شهرين کي بچائي سگهجي. انهن فرمايو ته جيڪڏهن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ان سلسلي ۾ ڪوئي آرڊيننس يا قانون تشڪيل نه ٿيون ڏين ته گيس سلينڊرن سان معصوم شهرين جي ٿيندڙن هلاڪتن ۾ اهي به برابر جون شريڪ هونديون. جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي، تنظيمي شعبن ۽ اسيمبلي ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي گيس سلينڊرن سان ٿيندڙ تباهي ۽ ان کان ٿيندڙ نقصانن کان بچڻ جي لاءِ عوام کي هر سطح تي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي لاءِ مهم هلائن ۽ ان معاملي کي پارليامينٽ ۾ به اٿاريو وڃي. 

4/19/2024 10:42:09 AM