Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسلام آباد ۾ امام بارگاھ تي دهشت گردن جي حملي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


اسلام آباد ۾ امام بارگاھ تي دهشت گردن جي حملي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 2/18/2015
اسلام آباد ۾ امام بارگاھ تي دهشت گردن جي حملي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
عوام پنهنجي مدد پاڻ جي تحت عبادتگاهن ۾ چوڪيداري سسٽم نافذ ڪن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 18 فيبروري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اسلام آباد جي ڪِري روڊ تي امام بارگاھ ۾ مغرب جي نماز جي دوران دهشت گردن جي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ و زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين دهشت گردن جي حملي جي نتيجي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي ۽ پونئرن سان دلي تعزيت جو اظهار به ڪيو. انهن ڌماڪي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ سخت زخمي ٿيندڙ نمازين جي صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي.انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت سڀني شهرن ۾ مسجدن ۽ امام بارگاهن سميت سمورين مذهبي عبادتگاهن تي حفاظتي انتظامن کي موثر بڻايو  وڃي ۽ عوام به پنهنجي مدد پاڻ جي تحت عبادتگاهن ۾ چوڪيداري سسٽم نافذ ڪن. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم پنجاب جي صدر ميان عتيق، سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبر زاهد ملڪ ۽ ايم ڪيو ايم اپر پنجاب جي صدر حاجي عتيق عباسي سميت سمورن ذميوارن، ڪارڪنن، امڙين ۽ ڀينرن کي پرزور اپيل ڪئي ته اهي حادثي واري جڳھ تي پهچي ڪري زخمين جي هر ممڪن مدد ڪن ۽ جتي به رت جي عطين جي ضرورت هجي اتي اهي رت جا عطيا به ڏين.

4/20/2024 4:52:02 AM