Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

حيدرآباد هڪ اهم تاريخي شهر آهي پر حڪمرانن هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت شهر کي يونيورسٽي کان محروم رکيو. رابطا ڪميٽي ميمبر غازي صلاح الدين.


حيدرآباد هڪ اهم تاريخي شهر آهي پر حڪمرانن هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت شهر کي يونيورسٽي کان محروم رکيو. رابطا ڪميٽي ميمبر غازي صلاح الدين.
 Posted on: 1/14/2015
حيدرآباد هڪ اهم تاريخي شهر آهي پر حڪمرانن هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت شهر کي يونيورسٽي کان محروم رکيو. رابطا ڪميٽي ميمبر غازي صلاح الدين.
ايم ڪيو ايم کي اقتدار مليو ته پاڪستان جي ٻين صوبن سميت سڄي سنڌ ۾ يونيورسٽين جو ڄار وڇائي ڇڏينداسين.
ايم ڪيو ايم شعبه خواتين حيدرآباد جي زيراهتمام الطاف حسين يونيورسٽي جي خوشي ۾ منعقد ٿيندڙ دعوت حليم جي تقريب کي خطاب.
حيدرآباد؛ 14 جنوري 2015
             ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي ميمبر غازي صلاح الدين ايم ڪيو ايم حيدرآباد شعبه خواتين جي زير اهتمام الطاف حسين يونيورسٽي جي اعلان جي خوشي ۾ دعوت حليم جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اهو اجتماع ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته حيدرآباد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو قلعو آهي ۽ هميشه رهندو.انهن چيو ته حيدرآباد هڪ اهم ۽ تاريخي شهر آهي پر ان جي باوجود حڪمران طبقي هڪ سوچيل سمجهيل سازش جي تحت حيدرآباد کي يونيورسٽي جي حق کان محروم رکيو.ان موقعي تي سنڌ تنظيمي ڪميٽي جا ميمبر، حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي، حق پرست اسيمبلي ميمبر دلاور قريشي، راشد خلجي، صابر حسين قائمخاني ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن جي وڏي تعداد موجود هئي.غازي صلاح الدين چيو ته سابق وزير تعليم سنڌ پير مظهر الحق چيو هو ته مان حيدرآباد يونيورسٽي جي راھ ۾ ڀت بڻجي ويندس پر جناب الطاف حسين ان ڀت کي ٽڪڙا ٽڪڙا اڪري ڇڏيو.انهن چيو ته پي پي جي رهنما ملڪ رياض پشاور، لاهور ۽ ٻين شهرن ۾ بلاول هائوس گهريا پر جناب الطاف حسين ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام جي لاءِ يونيورسٽين جي قيام جو مطالبو ڪيو.انهن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم کي اقتدار مليو ته پاڪستان جي ٻين صوبن سميت سڄي سنڌ ۾ يونيورسٽين جو ڄار وڇائي ڇڏينداسين.تقريب کي سنڌ تنظيمي ڪميٽي ميمبر زاهده بيگم، حق پرست ايم پي اي ناهيد بيگم ۽ حيدرآباد زونل انچارج نويد شمسي به خطاب ڪيو.

4/24/2024 9:38:20 PM