Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جي طرفان ايم ڪيو ايم بلوچستان ڪميٽي جي مرڪزي جوائنٽ انچارج اشرف خان جي وحشياڻي قتل تي افسوس جو اظهار.


جناب الطاف حسين جي طرفان ايم ڪيو ايم بلوچستان ڪميٽي جي مرڪزي جوائنٽ انچارج اشرف خان جي وحشياڻي قتل تي افسوس جو اظهار.
 Posted on: 1/13/2015

جناب الطاف حسين جي طرفان ايم ڪيو ايم بلوچستان ڪميٽي جي مرڪزي جوائنٽ انچارج اشرف خان جي وحشياڻي قتل تي افسوس جو اظهار.
مان پنهنجن ساٿين جي شهادت تي حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کان نوٽس وٺڻ جو مسلسل مطالبو ڪري رهيو آهيان پر منهنجن مطالبن تي ڪوبه توجه نه ڏيئي رهيو آهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 13 جنوري 2015
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اورنگي ٽائون ۾ هٿيار بند دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم بلوچستان ڪميٽي  جي مرڪزي جوائنٽ انچارج اشرف خان جي وحشياڻي قتل تي وڏي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اشرف خان ايم ڪيو ايم جا هڪ سينيئر ۽ بهادر ڪارڪن هئا،انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي لڳاتار شهيد ڪيو پيو وڃي پر اختيار رکندڙ ڌرين ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي اهو نظر نه اچي رهيو آهي.انهن فرمايو ته مان پنهنجن ڪارڪنن جي شهادت تي وزير اعظم ميان نواز شريف،وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ ٻين کان مسلسل نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪندو پيو اچان پر ڪنهن به منهنجن مطالبن تي ڪن نه ڌريو آهي.انهن فرمايو ته اشرف خان هڪ بهادر ڪارڪن هئا جنهن هميشه تحريڪ جي فڪر و فلسفي جي فروغ جي لاءِ جدوجهد ڪئي .جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي چيف جنرل رضوان اختر کان مطلبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قتل جو نوٽس وٺن ۽ ان ۾ ملوث  دهشت گردن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪن.


4/23/2024 3:37:41 AM