Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ معصوم ٻارن، ٻارڙين ۽ استادن کي شهيد ڪيو ويو ۽ زنده ساڙيو ويو پر قوم ان سانحي جي خلاف متحد نه ٿي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 1/13/2015
پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ معصوم ٻارن، ٻارڙين ۽ استادن کي شهيد ڪيو ويو ۽ زنده ساڙيو ويو پر قوم ان سانحي جي خلاف متحد نه ٿي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
فرانس ۾ نيوزميگزين ۽ شاپنگ سينٽر تي حملي ۾ 17 فرانسيسي هلاڪ ٿيا ته 3 ملين کان وڌيڪ ماڻهن مظاهرو ڪري پنهنجي قومي ٻڌي جو مظاهرو ڪيو.
پاڪستان ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ طالبان ۽ القائده جا ماڻهو جماعت اسلامي جي گهرن مان گرفتار ٿيا.
قوم پنهنجي حفاظت جو پاڻ بندوبست ڪري ڇو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن.
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جو هڪ خصوصي انٽرويو ۾ اظهار خيال.
لنڊن؛ 13 جنوري 2015
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پشاور آرمي پبلڪ اسڪول ۾ معصوم ٻارن، ٻارڙين، استادن ۽ اسٽاف جي ميمبرن کي جهڙي طرح گوليون هڻي ڪري شهيد ڪيو ويو ۽ انهن کي جيئرو ساڙي ڪري رک جو ڍير بڻايو ويو پر وڏي افسوس جي ڳالھ آهي ته قوم کي جهڙي طرح سان ان سانحي جي خلاف متحد ٿيڻ گهرجي ها اها نه ٿي.آمريڪي وزير خارجه جان ڪيري انڊيا جي دوري ۾ ته اربين روپين جي امداد ۽ اربين روپين جي ڏي وٽ جا معاملا طئه ڪيا پر پاڪستان کي صرف
2
25 ڪروڙ ڊالر ڏنا، جيڪي دهشت گردي جي جنگ ۾ پاڪستان جي نقصان جي اڳيان اٺ جي منهن ۾ زيرو ڏيڻ جي برابر آهي.پاڪستان ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ طالبان، القائده ۽ داعش جا ماڻهو جماعت اسلامي جي اهم رهنمائن جي گهرن مان گرفتار ٿيا ۽ انهن  دهشت گردن پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ 142 معصوم شاگردن کي شهيد ڪري ڇڏيو. انهن خيالن جو اظهار انهن پنهنجي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته فرانس ۾ نيوز ميگزين جي آفيس ۽ شاپنگ سينٽر  تي حملي ۾ 17 فرانسيسي هلاڪ ٿيا هئا جنهن تي 3 ملين کان وڌيڪ ماڻهن مظاهرو ڪيو. جنهن مان انهن جي ڀائپي ظاهر ٿئي ٿي.انهن فرمايو ته پشاور ۾ معصوم ٻارن ۽ استادن کي شهيد ڪيو ويو جنهن تي بيان ته گهڻائي آيا پر ڪنهن به ان سانحي جي خلاف ڪو وڏو مظاهرو نه ڪيو پر ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن ان وحشياڻي حملي جي خلاف سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ڪيا ۽ سڀني کان وڏو مظاهرو ڪراچي ۾ ڪيو ويو.جناب الطاف حسين آمريڪي وزير خارجه جان ڪيري جي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي فرمايو ته جان ڪيري انڊيا جي جي دوري ۾ ته اربين روپين جو اعلان ڪيو پر پاڪستان کي صرف 25 ڪروڙ ڊالرن جي امداد ڏني. انهن فرمايو ته دهشت گردن جي خلاف پوري پاڪ فوج جا جنرل، آفيسر ۽ جوان جنگ ڪري رهيا آهن ۽ جام شهادت نوش ڪري رهيا آهن  پر دهشت گردي جي ان جنگ ۾ 25 ڪروڙ ڊالرن جي امداد اٺ جي منهن ۾ زيرو ڏيڻ جي برابر آهي.انهن فرمايو ته ملڪ جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو ته انڊيا لڳاتار بارڊر جي خلاف ورزي ڪري پاڪستان جي سرحدن جي اندر گولا باري ڪري رهيو آهي.جنهن جي نتيجي ۾ بارڊر جي ويجهو شهر خالي ٿي رهيا آهن.ماڻهو شهيد ٿي رهيا آهن پر ان تي آمريڪي وزير خارجه مذمت جو اظهار به نه ڪيو ۽ چيو ته اها پنهنجي پنهنجي سوچ جي ڳالھ آهي ته انڊيا پاڪستان جي خلاف طاقتن جي مدد ڪري رهيو آهي جڏهن ته اسان ڄاڻون ٿا ته انڊيا ڪهڙي طرح اسان جي سرحدن جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي ۽ ڪهڙي طرح افغانستان ۾ پاڪستان مخالف قوتن جي مدد ۽ انهن کي پيسا ڏيئي رهيو آهي.انهن فرمايو ته اهو معاملو عزت ۽ ملڪي سلامتي جو آهي، اسان جا حڪمران اهو ٻڌندا رهيا ۽ ڪوئي به مظبوط لائحه عمل پيش نه ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته وفاقي وزير خارجه سرتاج عزيز جان ڪيري کي واضع لفظن ۾ چئي ڇڏن ها ته اوهان اهي 25 ڪروڙ ڊالر پنهنجي يوم آزادي تي لڳائي ڇڏيو. پر افسوس آهي ته ائين نه چيو ويو.انهن فرمايو ته جيڪڏهن پاڪستاني پنهنجن پيرن تي بيهي ڪري پنهنجو حق به نه ٿا گهري سگهن ته غلام رهڻ کان بهتر آهي ته پاڪستان کي نيلام گهر ۾ سجائي ڪري
3
نيلام ڪري ڇڏجي.اوهان غلط کي غلط نه ٿا چئي سگهو، اوهان دهشت گردن کي دهشت گرد نه ٿا چئي سگهو پر پاڪستان سان محبت جا دعوٰي ته وڏا ڪريو ٿا.انهن فرمايو ته قوم کي آواز اٿارڻ گهرجي ۽ پيرس وانگر متحد ٿي ڪري مظاهرو ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان به آزاد ۽ هڪ خودمختيار ملڪ آهي ۽ اسان جان ته ڏيئي ڇڏينداسين پر غلام بڻجي ڪري يا انڊيا جا سب آرڊينيٽ بڻجي ڪري ايشيا ۾ نه رهنداسين ۽ پنهنجي زندگي ۾ اهڙو ٿيڻ نه ڏينداسين.انهن فرمايو ته اسان کي مڙس ٿي ڪري ڳالھ ڪرڻ گهرجي. انهن فرمايو ته الله تعالٰي اسان سڀني کي عقل ڏنو آهي ۽ جيڪڏهن اسان منافقت سان پاڪستان کي هلائڻ چاهيون ٿا ته پوءِ الله سائين به اسان جي مدد نه ڪندو.انهن فرمايو ته جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي ٻاهران صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي قوم کي گمراھ ڪيو آهي.انهن قرآن پاڪ جي 13 هين سيپاري جي سوره رعد جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته جيڪا قوم پنهنجي حالت پاڻ بدلڻ نه ٿي چاهي ۽ جدوجهد نه ٿي ڪري ته الله سائين به ان جي حالت نه ٿو بدلي. اهڙي طرح حديث مبارڪن ۾ آهي ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم فرمايو ته جيڪڏهن توهان جي سامهون نماز جي حالت ۾ ڪوئي ايذاء ڏيندڙ جانور گذري ته نماز ڀڃي ڪري ان کي ماريو ۽ پوءِ نماز ادا ڪريو،جيڪڏهن توهان جو اهو خيال آهي ته توهان اٺ جتي ٻڌو آهي اهو صحيح طريقي سان ٻڌل نه آهي ان جي ڪري ان جي چوري ٿيڻ جو خطرو آهي ته نماز ڀڃي ڪري ان کي بچايو ۽ پوءِ نماز ادا ڪريو، جيڪڏهن توهان جو اهو خيال آهي ته فلاڻي جڳھ توهان هڪ درهم رکيو آهي ۽ ان جي چوري ٿيڻ جو خطرو آهي ته نماز ڀڃي ڪري درهم کي بچايو ۽ پوءِ نماز ادا رڪريو.پر پاڪستان جي مخالفت ڪرڻ واري جماعت اسلامي جي رهنمائن پاڪستان کي ڪافرستان ۽ قائد اعظم کي ڪافر اعظم قرار ڏنو.جناب الطاف حسين فرمايو ته جماعت اسلامي جي سابق امير چيو ته دهشت گردن سان وڙهندي شهيد ٿيندڙ فوجي شهيد نه آهن ، پر جڏهن ته طالبان ۽ القائده جا ماڻهو شهيد آهن.انهن فرمايو ته مان پاڪستان جي عوام ۽ اعلٰي آفيسرن کان پرزور اپيل ڪريان ٿو ته جيڪڏهن ملڪ کي بچائڻو آهي ته جماعت اسلامي تي فوري طور تي پابندي عائد ڪئي وڃي ۽ فوجين کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ وارن جماعت جي رهنمائن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي.انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها آمريڪا سان ڀرپور احتجاج  ڪري ۽ دنيا کي ڏيکاري ڇڏي ته اسان 20 ڪروڙ عوام متحد آهيون ۽ ڪنهن جي ڌمڪي کان ڊڄڻ وارا نه آهيون.جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي پاڪستان تي رحم فرمائي، پاڪستان جي ماڻهن کي عقل سليم عطا فرمائي ۽ پنهنجي پرائي جي سڃاڻپ عطا فرمائي.انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي تحفظ جو پاڻ بندوبست ڪن ڇو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن.


4/24/2024 6:26:25 PM