Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لورالائي ۾ ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي دهشت گردن جو حملو قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


لورالائي ۾ ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي دهشت گردن جو حملو قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/12/2015
لورالائي ۾ ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي دهشت گردن جو حملو قابل مذمت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
انتها پسند دهشت گردن پاڪستان جي خلاف باقائده جنگ ڇيڙي ڇڏي آهي. جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 12 جنوري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين بلوچستان جي علائقي لورالائي ۾ ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي دهشت گردن جي حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ دهشت گردي جي ان حملي ۾ ايف سي جي 8 اهلڪارن جي شهادت تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن فرمايو ته انتها پسند دهشت گردن پاڪستان جي خلاف باقائده جنگ ڇيڙي ڇڏي آهي ۽ اهي سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام کي مسلسل نشانو بڻائي رهيا آهن ته جيئن پاڪستان کي اندروني طور تي ڪمزور ڪري سگهجي. ان کان اڳ به آرمي ، نيوي، ايئرفورس ۽ پاڪ فوج جي ٻين مرڪزن کي دهشت گردي جو نشانو بڻايو ويو آهي ۽ اڄ لورالائي ۾ ايف سي جي چيڪ پوسٽ تي دهشت گردن جو اهو حملو به انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته دهشت گرد اهڙي طرح جون ڪاروائيون ڪري مذهبي انتها پسند دهشت گردن جي خلاف پاڪ فوج جي ڪاروائين کي ناڪام بڻائڻ چاهين ٿا. وقت اچي ويو آهي ته پوري قوم متحد ٿي وڃي ۽ دهشت گردن جي ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏي.جناب الطاف حسين دهشت گردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ايف سي جي نوجوانن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار به ڪيو.


4/25/2024 2:38:36 AM