Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

يورپي پارليامينٽ سانحه پشاور جي شهيدن جي پونئرن ۽ پاڪستان سان گڏ آهي. امجد بشير ميمبر يورپي پارليامينٽ.


يورپي پارليامينٽ سانحه پشاور جي شهيدن جي پونئرن ۽ پاڪستان سان گڏ آهي. امجد بشير ميمبر يورپي پارليامينٽ.
 Posted on: 1/22/2014
يورپي پارليامينٽ سانحه پشاور جي شهيدن جي پونئرن ۽ پاڪستان سان گڏ آهي. امجد بشير ميمبر يورپي پارليامينٽ.
طالبان دهشت گردن سان گڏو گڏ انهن جي سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت حمايت ۽ مدد ڪرڻ وارن تمام ماڻهن جي خلاف به ڀرپور ڪاروائي ڪئي وڃي. مصطفٰي عزيز آبادي.
لنڊن ۾ يادگاري تقريب کي خطاب.
لنڊن؛ 22 ڊسمبر 2014
            پشاور ۾ طالبان دهشت گردن جي هٿان شهيد ٿيندڙ آرمي پبلڪ اسڪول جي معصوم شاگردن، استادن ۽ اسٽاف کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ لنڊن ۾ ٽريفلگر اسڪوائر تي هڪ يادگاري تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن کي يورپي پارليامينٽ جي ميمبر امجد بشير خطاب ڪندي پشاور واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ چيو ته يورپي پارليامينٽ به ان قتل عام جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ميمبر مصطفٰي عزيز آبادي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي بچائڻ جي لاءِ طالبان دهشت گردن جو خاتمو ڪرڻ ضروري آهي ۽ طالبان دهشت  گردن سان گڏو گڏ انهن جي حمايت ڪرڻ وارن جي خلاف به ڀرپور ڪاروائي ڪئي وڃي.انهن مولوي عبدالعزيز جي طرفان جناب الطاف حسين کي ڏنل ڌمڪي جي به سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ چيو ته مولوي ٻارن ۽ استادن جي قتل عام کي جائز قرار ڏيئي  رهيو آهي انهن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي ميمبر انسباط ملڪ چيو ته انسانيت تي يقين رکڻ وارو ڪوئي به شخص پشاور جي معصومن جي قتل عام جي حمايت نه ٿو ڪري سگهي. تقريب کي رابطا ڪميٽي ميمبر اظهار احمد خان، ڊاڪٽر سليم دانش،ٿرڊ ورلڊ ساليڊريٽي جي چيئرمين مشتاق لاشاري، فورم فار انٽرنيشنل رليشنز ڊولپمينٽ جي چيئرمين طحٰه قريشي ۽ ٻين به خطاب ڪيو.


4/20/2024 7:03:12 AM