Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اڇي لڪڻ جو احترام هر شهري تي لازم آهي جيڪڏهن ڪٿي ڪوئي اڇي لڪڻ وارو نظر اچي ته ان جو احترام ڪيو وڃي.حيدر عباس رضوي.


 Posted on: 10/15/2014
اڇي لڪڻ جو احترام هر شهري تي لازم آهي جيڪڏهن ڪٿي ڪوئي اڇي لڪڻ وارو نظر اچي ته ان جو احترام ڪيو وڃي.حيدر عباس رضوي.
ايم ڪيو ايم جي شعبي“ پي ڊبليو ڊي” جي زير اهتمام عالمي ڏينهن برائي تحفظ اڇي لڪڻ ، جي موقعي تي اکين کان محروم(نابين) ماڻهن سان يڪجهتي جي لاءِ منقعد ڪيل تقڦريب کي خطاب.
ڪراچي؛15 آڪٽوبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي شعبي پي ڊبليو ڊي جي زير اهتمام اکين کان محروم(نابين) ماڻهن سان يڪجهتي جي لاءِ عالمي ڏينهن برائي تحفظ اڇي لڪڻ جي موقعي تي هڪ وڏي تقريب جو انعقاد ڪيو ويو. تقريب جي شرڪاء سان ڳالھ ٻولھ ڪندي حيدر عباس رضوي چيو ته اهي جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان اڇي لڪڻ جي تحفظ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي دنيا جي اکين کان محروم ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا ۽ شاندار تقريب جي انعقاد تي منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪن ٿا. انهن چيو ته اڇي لڪڻ جو احترام هر شهري تي لازم آهي ۽ اسان جو فرض آهي ته جيڪڏهن ڪٿي ڪوئي شخص اڇي لڪڻ وارو نظر اچي ته ان جو احترام ڪيو وڃي.انهن چيو ته جيڪڏهن ڪوئي شخص اکين کان محروم هجي ته ان کي نابينا چوڻ سراسر ظلم آهي،اهڙو شخص اکيون رکڻ واري شخص کان وڌيڪ بهتر آهي جنهن کي اکيون رکڻ جي باوجود پنهنجي آس پاس ظلم ۽ ناانصافي نظر نه ٿي اچي.انهن چيو ته اکين کان محروم ماڻهو ڀلي اهي ڏسي نه سگهندا هجن پر اهي پنهنجي شعور جي اکين سان اکين رکڻ وارن ماڻهن کان وڌيڪ بهتر ڏسي سگهن ٿا.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ملڪ جي هڪ اهڙي طبقي کي جنهن کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي انهن جو شعبو پي ڊبليو ڊي بڻايو. انهن چيو ته پارليامينٽ ۾ اهي ماڻهو ويٺا آهن جن کي اوهان جو ڏک ۽ مسئلا نظر نه ٿا اچن، اهي ئي اصل ۾ عقل جا انڌا آهن، پر ايم ڪيو ايم ان ڳالھ جي مڪمل حمايت ڪري ٿي ته ملڪ جي اسيمبلين ۾ به معذور ماڻهن جي لاءِ مخصوص سيٽون مختص هجڻ گهرجن.جتي اهي پنهنجن مسئلن جي لاءِ پاڻ آواز اٿارين.انهن چيو ته اوهان جناب الطاف حسين جي حق پرستي جي پيغام کي ڦيلائڻ جي لاءِ هر فورم تي ڪوششون ڪندا رهو انشاء الله تعالٰي ايم ڪيو ايم ئي اها پهرين جماعت هوندي جنهن جي پليٽ فارم تان اوهان ماڻهو اسيمبلين ۾ پهچندو.ان کان اڳ رابطا ڪميٽي ميمبر احمد سليم صديقي چيو ته پي ڊبليو ڊي جو دائرو ڪراچي کان نڪري ڪري حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن تائين ڦيلجي چڪو آهي،جنهن جو ڪريڊٽ جناب الطاف حسين کي وڃي ٿو.تقريب کي رابطا ڪميٽي معاون غازي صلاح الدين، انچارج شعبه خواتين ڪشور زهره ۽ پي ڊبليو ڊي انچارج به خطاب ڪيو.
 
 

4/19/2024 1:18:10 PM