Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ ۾ انتظامي بنيادن تي نون يونٽن جو قيام ايترو ئي ضروري آهي جيترو ٻين صوبن ۾ ضروري آهي.حيدرعباس رضوي.


 Posted on: 9/19/2010
سنڌ ۾ انتظامي بنيادن تي نون يونٽن جو قيام ايترو ئي ضروري آهي جيترو ٻين صوبن ۾ ضروري آهي.حيدرعباس رضوي.
سنڌ ڌرتي اسان جي امڙ آهي ۽ اسان به ايترا ئي سنڌي آهيون جيترا سنڌ ۾ رهڻ وارا سنڌي، بلوچي، پختون ۽ ٻيا ماڻهو سنڌي آهن.
رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان گڏ نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪيٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 19 سيپٽمبر؛2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر حيدرعباس رضوي چيو آهي ته سنڌ ڌرتي اسان جي امڙ آهي ۽ اسان سڀ ان جا پٽ آهيون، اسان به ايترا ئي سنڌ ڌرتي جا پٽ آهيون جيترا سنڌي، بلوچ، پختون ۽ ٻيا سنڌي آهن. ايم ڪيو ايم ڪڏهن به سنڌ جي تقسيم جي ڳالھ نه ڪئي آهي ۽ نه ڪڏهن ڪندي.پر سنڌ ۾ انتظامي يونٽن جو قيام ايترو ئي ضروري آهي جيترو ٻين صوبن ۾ صوبن ۾ آهي.اسان نه حڪمران بڻجڻ چاهيون ٿا ۽ نه ئي غلام بڻجي ڪري رهڻ چاهيون ٿا بلڪه اسان برابري جي بنياد تي انتظامي يونٽَ چاهيون ٿا ، اسان کي اهو مطالبو ڪرڻ  ۾ نه ته شرمندگي محسوس ٿئي ٿي ۽ نه ئي اسان سنڌ جا دشمن آهيون بلڪه اسان سنڌ ڌرتي کي مظبوط ۽ خوشحال ڏسڻ چاهيون ٿا.انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ٻين سان گڏجي ڪيو.حيدر عباس رضوي چيو ته جيئن جو سڀ ڄاڻين ٿا ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي طرفان پاڪستان ۾ انتظامي بنيادن تي وڌيڪ صوبن جو مطالبو سامهون آيو آهي ۽ جڏهن اهو مطالبو سامهون آيو ته ان جي حمايت ۽ مخالفت ۾ مختلف سياسي جماعتن ۽ مختلف اين جي اوز جي طرفان بيان به سامهون اچي رهيا آهن.انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پوري ملڪ ۾ انتظامي يونٽ ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو آهي، انهن تاريخ جو حوالو ڏيندي چيو ته هندستان ۾ ان جي قائم ٿيڻ وقت انتظامي يونٽن جو تعداد 8 هو ۽ هاڻي اتي 36 صوبا آهن ، افغانستان ۾ 34 صوبا آهن، ترڪي ۾ 81 صوبا آهن. انهن چيو ته اسان جي تاريخ گواھ آهي ته جڏهن ملڪ ۾ انتظامي يونٽن جي ڳالھ کي ڇيڙيو ويو  تڏهن پاڪستان رولنگ ايليٽ ان ڳالھ کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.اڄ پاڪستان جي ڪائي سياسي جماعت اهڙي نه آهي جيڪا نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ  جي ڳالھ نه ڪندي هجي.انهن چيو ته مسلم ليگ ن، پي پي پي ، تحريڪ انصاف ۽ طاهر القادري جي پاڪستان عوامي تحريڪ سميت ٻين سياسي جماعتن جي منشور ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي ڳالھ واضع طور تي موجود آهي پر اڄ اها ڳالھ تعجب ۽ حيرت جي آهي ته جڏهن ايم ڪيو ايم پوري ملڪ ۾ نون انتظامي يونٽن جي ڳالھ ڪئي ته نادر اڪمل لغاري ۽عارف علوي سنڌ کان سواءِ پوري پاڪستان ۾ته نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي ڳالھ ڪن ٿا پر سنڌ جي باري ۾ اهو چيو ته اهي سنڌ جي تقسيم ٿيڻ ڪڏهن به نه ڏيندا.انهن نادر اڪمل لغاري ۽ عارف علوي کي مخاطب ڪندي چيو ته خدا جي واسطي سنڌ تي رحم ڪريو ۽ نفرتن جي ڳالھ نه ڪريو.انهن چيو ته سنڌ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي اسان سنڌ ڌرتي جي پيٽ مان جنم ورتو آهي، ايم ڪيو ايم ڪڏهن به سنڌ ڌرتي جي تقسيم جي ڳالھ نه ڪئي آهي ۽ نه ڪندي پر اسان انتظامي بنيادن تي نون يونٽن جي قيام جي ڳالھ ڪريون ٿا.انهن تاريخ جو حوالو ڏيندي چيو ته مغلن جي دور ۾ پوري سنڌ ۾ انتظامي بنيادن تي انتظامي يونٽن جي تعداد وڌندي ۽ گهٽ ٿيندي رهي ۽ جڏهن انگريزن سنڌ تي حملو ڪيو ته سنڌ ٽن انتظامي يونٽن تي مشتمل هو جنهن ۾ حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ خيرپور هڪ آزاد رياست جي طور تي موجود هو.انهن چيو ته پاڪستان جڏهن وجود آيو ته ان وقت انتظامي يونٽن جي تعداد سنڌ ۾ ٽي هئي. 1955 ۾ 12 کان وڌيڪ رياستون جنهن ۾ بنگله ديش به شامل هو کي صرف ٻه يونٽ بڻايا ويا ۽ ڪراچي سميت ٽي صوبا سامهون آيا جنهن ۾ اوڀر پاڪستان،اولھ پاڪستان ۽ ڪراچي شامل هو پر بعد ۾ ڪراچي کي اولھ پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو پر سنڌ تقسيم نه ٿيو صرف انتظامي شڪل تبديل ٿي وئي.انهن سوال ڪيو ته ڇا سنڌ ۾ خوشحالي جي ضرورت نه آهي ، ڇا سنڌ جو هاري هميشه وڏيري جي اڳيان هٿ ٻڌي ڪري بيٺو رهندو.نادر اڪمل لغاري ۽ عارف علوي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي کي پٽي ۾ خنجر هنيو آهي. انهن چيو ته پاڪستان جي رياست ان وقت تائين مڪمل نه آهي جيستائين وفاقي، صوبائي ۽ مڪاني حڪومتون وجود ۾ نه ٿيون اچن.
*

4/24/2024 5:45:17 PM